شاهه اسماعيل ڀڙي وارو

شاهه اسماعيل ڀڙي وارو: شاهه اسماعيل ڀڙي وارو، مشهور اسماعيلي مبلغ، پير صدر الدين جي پيڙهيءَ مان پير تاج الدين عرف شاهه طُريل جو فرزند هو. شاهه طُريل جي مزار تعلقي ٽنڊي باگي، تپي چانيري ۾ آهي. شاهه طريل، رتي ڪوٽ جي ٺڪرن مان پسند جي شادي ڪئي هئي. جنهن مان سال 873هه/ 1468ع ۾ شاهه اسماعيل ڄائو. شاهه طريل جلد ئي وفات ڪري ويو ۽ شاهه اسماعيل جي پرورش ناناڻن ۾ ٿي. پاڻ غوث بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيرح جي سلسلي ۾ سهروردي طريقت ۾ داخل ٿيو. سندس شجرو 22هين پيڙهيءَ ۾ امام زين العابدين سان ملي ٿو. سندس پونير ملتان جا مريد آهن. هن جا ناناڻا، جيڪي سندس اثر هيٺ مسلمان ٿيا هئا، سي هينئر ‘سوڍا ساند ’ سڏجن ٿا. سندس صحبت ۾ مهراڻ فقير به مسلمان ٿيو، جنهن جا پونير ‘مهراڻ’ سڏجن ٿا. هن بزرگ 992هه/ 1584ع ڌاري وفات ڪئي. سندس روضو تعلقي پٿوري جي ديهه 16 هيرل ۾ واقع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو